Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هو لهي شاهي محل ۾ شاهي محرر اليسمع جي ڪمري ۾ ويو، جتي شاهي محرر سان گڏ گھڻا عملدار گڏجاڻي ڪري رهيا هئا. انهن ۾ دلاياہ ولد سمعياہ، الناتن ولد عڪبور، جمرياہ ولد سافن، صدقياہ ولد حننياہ ۽ ٻيا عملدار شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن هو هيٺ لهي بادشاهہ جي گهر ۾ منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو: ۽ ڏس، سڀ امير اُتي ويٺا هئا، يعني اليسمع منشي، ۽ دلاياہ بن سمعياہ، ۽ الناتن بن عڪبور، ۽ جمرياہ بن سافن، ۽ صدقياہ بن حننياہ ۽ ٻيا سڀ امير بہ ويٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن سردار ڪاهن خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عڪبور ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي هي حڪم ڏنو تہ


تڏهن خلقياہ ڪاهن، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يوسياہ بادشاهہ پنهنجي شاهي محرر سافن ولد اصلياہ ولد مسلام کي خداوند جي گھر موڪليو. هن کيس چيو تہ


جڏهن يهوياڪين بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو الناتن جي ڌيءَ هئي.


جڏهن بادشاهہ جي عملدارن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اهي شاهي محل کان خداوند جي گھر اچي پهتا ۽ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ منهنجي فيصلي ڪرڻ لاءِ ويهي رهيا.


البت الناتن، دلاياہ ۽ جمرياہ نالي عملدارن بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهوٽي کي نہ ساڙيو وڃي، پر هن سندن هڪ بہ نہ ٻڌي.


تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بي‌همت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“


پر انهيءَ سال جي ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع جيڪو شاهي نسل جو هو ۽ بادشاهہ جي عملدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جِدلياہ ولد اخيقام وٽ مصفاہ شهر ۾ آيو. جِدلياہ جي دعوت تي جڏهن اهي سڀ ساڻس گڏ ماني کائي رهيا هئا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ