Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:17
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.


جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.


انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


انهيءَ ڪري آءٌ بہ پنهنجي مرضيءَ سان هنن لاءِ مصيبتون چونڊي وٺندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿن آڻيندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون سڏيو تہ ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو تڏهن ڪنهن بہ نہ ٻڌو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو هنن ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو ئي هنن پسند ڪيو.“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“


”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“


جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


پر بني اسرائيل بابت خدا فرمائي ٿو تہ ”مون سڄو وقت هڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيري رکيا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ