Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:15 - Muslim Sindhi Bible

15 مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:15
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.


پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“


هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو.


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


جيڪڏهن اوهين هنن حڪمن تي عمل ڪندا، تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن ۽ رعيت سان گڏ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي هن محل جي درن مان پيا لنگھندا.


جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“


جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ.


سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي.


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ هم‌قوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ، هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندءُ، جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ، منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اها تبليغ ڪئي تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“


جيڪي قومون اوهان جي آس‌پاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو،


تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ