Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:14 - Muslim Sindhi Bible

14 يهوناداب ولد ريڪاب، جنهن پنهنجي اولاد کي حڪم ڏنو هو تہ ’مئي نہ پيئجو،‘ تنهن جي حڪم تي عمل ڪيو ٿو وڃي. اڄ ڏينهن تائين هو مئي نہ ٿا پيئن، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي وڏي جي حڪم تي عمل ڪندا ٿا اچن. پر مون بار بار اوهان کي هميشہ تاڪيد پئي ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.


جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.


اوهان منهنجي ٻانهن يعني نبين جون ڳالهيون بہ نہ مڃيون آهن جن کي بار بار مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي. هاڻي آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل واٽ تي نہ هلندا،


ان جو سبب هي آهي جو هنن منهنجي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي بار بار کين ٻڌائيندو رهيو آهيان. هنن تہ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ئي گوارا نہ ڪيون. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


يهوناداب ولد ريڪاب جي اولاد پنهنجي وڏي جو ڏنل حڪم بجا آندو، پر اوهان منهنجي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو.


پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي.


جڏهن اوهان هي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا پئي تڏهن مون اوهان سان بار بار پئي ڳالهايو، پر اوهان منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي. مون اوهان کي سڏيو، پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ