Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جڏهن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر هن ملڪ تي ڪاهہ ڪئي تڏهن اسان فيصلو ڪيو تہ بابلين ۽ ارامين جي لشڪرن کان ڀڄي پري يروشلم شهر ڏانهن هليو وڃجي. ائين اسين يروشلم ۾ اچي رهڻ لڳاسون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


تڏهن قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن ڏانهن پنهنجي هي فرمان ٻڌائڻ لاءِ موڪليو تہ ”ڇا اوهان اڃا تائين سبق نہ سکيو آهي جو منهنجي فرمانبرداري ڪريو؟


تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ