Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تازو ئي اوهان توبهہ‌تائب ٿيا ۽ اهو ڪي ڪيوَ جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو هو. هائو، اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي هم‌قوم کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر اوهان منهنجي نالي سان سڏجڻ واري گھر ۾ منهنجي اڳيان اهڙو عهد بہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ آخر اوهين ڦريا ۽ اهو ڪم ڪيو اٿوَ جو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ اوهان مان هر ڪنهن پڌريءَ طرح پنهنجي پاڙيسريءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي تنهن ۾ اوهان منهنجي اڳيان عهد اقرار ڪيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ڇو تہ يهويدع ڪاهن سندس رهنمائي ڪندو هو.


هن اهي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، تنهن هوندي بہ پنهنجي وڏي دائود جهڙا نہ. هو هر ڳالهہ ۾ پنهنجي پيءُ يوآس جي نقشِ‌قدم تي هليو.


پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.


بيشڪ اهي اهڙي قوم جو ڏيکاءُ ڪن ٿا جيڪا سچائيءَ وارا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي شريعت کان منهن نہ ٿي موڙي. اهي روز بروز منهنجي عبادت ڪندا رهن ٿا، ۽ دعويٰ ٿا ڪن تہ ’اسين خداوند جي رستن کي ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اسين کانئس سچائيءَ وارا حڪم طلب ڪريون ٿا، ۽ سندس عبادت ڪرڻ ۾ خوش ٿيون ٿا.‘


هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي.


بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ


اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي عزت ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ