Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 33:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تهڙيءَ طرح اهو بہ ممڪن ناهي جو جيڪو عهد مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ٻڌو آهي سو ٽٽي پوي ۽ دائود جو ڪوبہ اولاد باقي نہ رهي جيڪو سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪري. ساڳيءَ طرح اهو بہ ناممڪن آهي جو منهنجو لاوين سان ٻڌل عهد ٽٽي سگھي ۽ منجھن ڪو ڪاهن نہ هجي جيڪو منهنجو خدمتگار ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 33:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.


انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گھراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گھريو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين تہ کانئس پوءِ سندس اولاد مان هميشہ تائين هڪڙو حڪمران رهندو ايندو.


تہ آءٌ تنهنجو شاهي تخت قائم رکندس، جيئن مون تنهنجي پيءُ دائود سان واعدو ڪيو هو تہ ’تنهنجي اولاد مان بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.‘


اتي آءٌ دائود جي اولاد مان هڪ زورآور بادشاهہ کڙو ڪندس، ۽ پنهنجي انهيءَ مسح ڪري مخصوص ڪيل جو ڏيئو سدائين ٻريل رکندس.


آءٌ دائود سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس. هائو، پنهنجي ڪيل واعدن مان آءٌ هڪڙي تان بہ نہ ڦرندس.


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين سج قائم آهي، تيستائين آءٌ سندس تخت قائم رکندس.


اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جهڙيءَ طرح نئون آسمان ۽ نئين زمين جيڪي آءٌ جوڙيندس، سي منهنجي حضور ۾ قائم رهندا، تهڙيءَ طرح اوهان جو نسل ۽ اوهان جو نالو بہ قائم رهندو.


نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


پوءِ اختياريءَ ۽ عظمت سان گڏ بادشاهي سندس حوالي ڪئي ويئي، تان‌تہ سڀيئي قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا، انهيءَ جي تعظيم ۽ احترام ڪن. انهيءَ جي بادشاهي دائمي آهي ۽ فنا ٿيڻ واري ناهي، هائو، ان جي حاڪميت کي ڪڏهن بہ ڪو زوال نہ ايندو.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ