تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا.