Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ”اي يرمياہ! تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم‌ايل تو وٽ اچي تو کي چوندو تہ ’منهنجي ٻني جيڪا عنتوت شهر ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اباڻي ٻني هجڻ ڪري اها خريد ڪرڻ جو تنهنجو ئي حق آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري خداوند اخياہ کي ٻڌائي ڇڏيو تہ يربعام جي زال کانئس پنهنجي بيمار پٽ بابت پڇڻ ٿي اچي، پر جڏهن هوءَ پهچندي تڏهن پاڻ کي ڪا ٻي عورت ڪري پيش ڪندي. سو خداوند اخياہ کي ٻڌايو تہ کيس ڇا چوڻ گھرجي.


هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو.


منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“


سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،


”زمين هميشہ جي لاءِ نہ وڪي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي آهي ۽ اوهين مون وٽ رڳو مسافر ۽ مهمان آهيو.


سو اوهين پنهنجي هٿ ڪيل سڄي ملڪ ۾ وڪاميل زمين کي ڇڏائڻ وارو حق قبول ڪجو.


جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي.


پر سندن شهرن جي پسگردائيءَ واري چاري واري ٻني بلڪل نہ وڪڻي سگھبي، ڇاڪاڻ تہ اها هنن جي دائمي ملڪيت آهي.“


هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي.


”اوهان کي جيڪو ورثو ملي تنهن مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏجو ۽ شهرن جي آس‌پاس وارا چراگاهہ پڻ کين ڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ