Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 32:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 32:17
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“


۽ خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي چيائين تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.


اليشع وڌيڪ چيو تہ ”ائين ڪرڻ خداوند جي لاءِ تمام آسان آهي، هو موآبين کي بہ اوهان جي هٿن ۾ ڏيندو.


رڳو تون ئي خداوند آهين. تون عرش عظيم ۽ آسمان ۽ ان جي سڀني گرهن ۽ سيارن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. تون سمنڊن ۽ جيڪي ڪجھہ منجھن آهي، تن جو پيدا ڪندڙ آهين. هر ڪا شيءِ تنهنجي ئي وسيلي قائم آهي. آسماني مخلوق پڻ تنهنجي عبادت ڪري ٿي.


”اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، تنهنجو ڪوبہ ارادو روڪجي نہ ٿو سگھي.


تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.


هائو، پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان هو کين مصر مان ڪڍي آيو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


مون خداوند، ڇهن ڏينهن ۾ آسمان، زمين، سمنڊ ۽ سڀڪا شيءِ جيڪا انهن ۾ آهي سا جوڙي، پر ستين ڏينهن مون آرام ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو مون خداوند، سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني آهي ۽ انهيءَ کي رڳو پنهنجي لاءِ وقف ڪيو آهي.


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


ائين نہ سمجھو تہ خداوند ايترو ڪمزور آهي، جو اوهان کي بچائي نہ ٿو سگھي، يا هو ڪو ٻوڙو آهي جو اوهان جو فرياد ٻڌي نہ ٿو سگھي.


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کي تہ ڳالهائڻ جي بہ خبر ناهي، آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان.“


تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! اهي نبي سڏائيندڙ آهن جيڪي تنهنجو نالو کڻي ماڻهن کي چوندا رهندا آهن تہ ’نہ ڪو اوهان سان جنگ ڪرڻ ايندو ۽ نہ ئي اوهين ڏڪار ۾ ڦاسندا، بلڪ هن ملڪ ۾ اوهين خير ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.‘“


”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تان‌تہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“


’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.


”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


تڏهن مون يرمياہ چيو تہ ”اي خداوند خدا! تو ڪيئن نہ هن قوم ۽ يروشلم کي صفا دوکو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو چيو هو تہ ’اوهين سلامت رهندا،‘ پر هاڻي تہ تلوار اسان جي ڪنڌ تي اچي پهتي آهي.“


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن، تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو، ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.


جڏهن هو ڏر وٽ پهتو تڏهن ڏک ڀرئي آواز مان دانيال کي پڪاري چيائين تہ ”اي دانيال، زندہ خدا جا ٻانها! پنهنجي جنهن خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو تو کي شينهَن کان بچائي سگھيو آهي يا نہ؟“


بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ


ٿي سگھي ٿو تہ اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن کي انهن ڏينهن ۾ عجيب لڳي، پر ڇا اها مون خداوند لاءِ عجيب هوندي؟


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“


بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“


عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي خدا جي وس ۾ آهن.“


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.


”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ