يرمياہ 31:37 - Muslim Sindhi Bible37 جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي، نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي، تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible37 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪڏهن مٿي آسمان ماپي سگهبو ۽ هيٺ زمين جو بنياد جانچي معلوم ڪري سگهبو، تہ پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اسرائيل جو سمورو نسل بہ سندن سڀني ڪمن جي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.
اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بيسزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“