Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:36 - Muslim Sindhi Bible

36 هاڻ اهو ئي پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪري تہ ”جيستائين منهنجو اهو مقرر ڪيل نظام قائم رهندو، تيستائين بني اسرائيل جو اولاد بہ منهنجي آڏو هميشہ قائم رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 تہ جيڪڏهن اهي قانون منهنجي اڳيان ٽري ويندا، تہ پوءِ خداوند فرمائي ٿو تہ اسرائيل جو نسل بہ منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ اُمت ٿيڻ کان ٽري ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:36
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا تون انهن لاءِ آسمانن جي قانون کان واقف آهين؟ يا انهن جو اختيار ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگھين ٿو؟


تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.


اي خداوند! تنهنجو فرمان ابد تائين رهندو، اهو تنهنجي عرش عظيم وانگر هميشہ قائم وَ دائم آهي.


هن ئي هميشہ لاءِ انهن کي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي. انهن لاءِ جاري ڪيل سندس قانون هرگز مٽجي نہ ٿو سگھي.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


جيستائين سج ۽ چنڊ قائم رهي، تيستائين شل پيڙهي بہ پيڙهي سندس بادشاهت قائم رهي!


منهنجا اهڙا چونڊيل ماڻهو منهنجي جابلو علائقي جا وارث ٿيندا. هائو، جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن سي ئي اتي آباد ٿيندا. آءٌ يهوداہ قبيلي وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل مان اهڙن ماڻهن کي گھڻي اولاد سان نوازيندس. هائو، آءٌ انهن کي پنهنجي ملڪ جو وارث بڻائيندس.


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان، جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ