Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:35 - Muslim Sindhi Bible

35 اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:35
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجيءَ طاقت سان سمنڊ کي شڪست ڏيئي ڇڏي، هن پنهنجيءَ حڪمت سان سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ڇا تون انهن لاءِ آسمانن جي قانون کان واقف آهين؟ يا انهن جو اختيار ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگھين ٿو؟


هن جڏهن ڳاڙهي سمنڊ کي جھڻڪيو تڏهن اهو بہ سڪي ويو. پوءِ انهيءَ جي تري منجھان کين خشڪ زمين جيان پار ٽپايائين.


اي خداوند! تنهنجو فرمان ابد تائين رهندو، اهو تنهنجي عرش عظيم وانگر هميشہ قائم وَ دائم آهي.


سڀيئي شيون تنهنجي حڪم سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. بيشڪ هر شيءِ تنهنجي ئي تابعدار آهي.


هن ئي هميشہ لاءِ انهن کي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي. انهن لاءِ جاري ڪيل سندس قانون هرگز مٽجي نہ ٿو سگھي.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


جيستائين سج ۽ چنڊ قائم رهي، تيستائين شل پيڙهي بہ پيڙهي سندس بادشاهت قائم رهي!


تو ئي تہ پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو هو. تو ئي تہ سمنڊ ۾ اجگر نانگن جا مٿا چٿي ڇڏيا هئا.


بيشڪ ڏينهن تنهنجو آهي ۽ رات بہ تنهنجي ئي آهي، ۽ تو ئي سج ۽ چنڊ کي جوڙي قائم رکيو آهي.


هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.


مون کي يقين آهي تہ تنهنجي شفقت هميشہ قائم رهندي، هائو، آسمان جيان تو پنهنجي وفا کي قائم رکيو آهي.


ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان، جو هن جون ڇوليون گجگوڙ ٿيون ڪن. هائو، قادرِمطلق خداوند منهنجو ئي نالو آهي.


تنهنجو خالق ئي تنهنجو مڙس آهي، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي. هو تنهنجو بچائيندڙ ۽ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهي، اهو ئي سڄيءَ دنيا جو حاڪم آهي.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين،


مون خداوند جهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات توڙي زمين ۽ آسمان جو هڪ اڻٽٽ نظام ۽ قاعدو قانون مقرر ڪيو آهي،


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو قادرِمطلق جيئرو خداوند آهي، سو قسم کڻي فرمائي ٿو تہ ”جيئن تبور جبل سڀني جبلن کان مٿاهون آهي، ۽ جيئن ڪرمل جبل سمنڊ کان تمام اوچو آهي، تيئن ئي اهو شخص اوهان کان زورآور آهي، جيڪو اوهان تي حملو ڪرڻ اچي ٿو.


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.


يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن. آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس. انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي بلڪل ئي نابود نہ ڪندس.


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ