Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:34 - Muslim Sindhi Bible

34 هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:34
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي.


تڏهن ڀلجي ويل ماڻهن کي بہ سمجھہ ايندي، ۽ جيڪي هميشہ ڪِرڪِر ڪندا ٿا رهن، سي خوشيءَ سان تعليم حاصل ڪندا.“


انهيءَ ڏينهن جڏهن خداوند پنهنجيءَ قوم جي ڦٽن تي پٽي ٻڌندو ۽ سندن ڌڪن جا زخم ڇٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي پُر نور ٿيندي.


اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪوبہ ماڻهو وري بيمار ٿيڻ جي شڪايت نہ ڪندو. انهن جا سمورا گناهہ معاف ڪيا ويندا.


۽ انهيءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکندو. هو اسان جي قوم جي هميشہ حفاظت ٿو ڪري، ۽ اسان کي حقيقي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪري ٿو. خداوند جو خوف ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


تنهنڪري اي منهنجي قوم وارؤ! ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان کي بچايو ويندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند ئي اوهان سان واعدو ڪيو هو. اِجھو، اهو آءٌ ئي آهيان.“


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


آءٌ پنهنجي قوم کي سندس ڪيل سمورن گناهن کان پاڪ ڪندس. آءٌ سندس اهي سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هن منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي.


انهن ڏينهن ۾ اسرائيل توڙي يهوداہ وارن ۾ ڪو گناهہ ڳوليو بہ نہ لڀندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن مان جن کي باقي بچائي وٺندس، تن جو هر گناهہ ۽ هر خطا معاف ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


بيشڪ آءٌ تو سان اهو لاڳاپو هميشہ لاءِ جوڙيندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


دنيا مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.


انهيءَ بابت سڀني نبين جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنهن جا گناهہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي حضور ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


انهيءَ فرزند ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو خدا جي انهيءَ فضل جي دولت موجب آهي،


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي تعليم ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي خدا جي پيغام وارين بنيادي ڳالهين جي تعليم ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي.


پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.


انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


عيليءَ جا پٽ بدڪار هئا ۽ اهي خداوند جي ڪا پرواهہ نہ ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ