يرمياہ 31:31 - Muslim Sindhi Bible31 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪڙو نئون عهد ٻڌندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible31 خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي سان ۽ يهوداہ جي گهراڻي سان نئون عهد اقرار ڪندس: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.