Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:30 - Muslim Sindhi Bible

30 پر جيئن تہ جيڪو کٽا انگور کائيندو آهي تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا آهن، تيئن ئي هر ڪو پنهنجي گناهن جي ڪري ئي مرندو، نڪي پنهنجي وڏن جي گناهن ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 پر سڀڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندو: جيڪو کٽي ڊاک کائيندو، تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن انهن قاتلن جي پٽن کي ڪين مارايو، بلڪ هن ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ خداوند حڪم فرمايو آهي تہ ”پٽ جي بدلي پيءُ کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.“


ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


پر خدا جو روح مون ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي اٿاري پيرن ڀر بيهاريائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”موٽي پنهنجي گھر وڃ، ۽ اتي پنهنجو پاڻ کي نظربند ڪري ڇڏ.


فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.


جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن پنهنجي گناهن جي ڪري هو ضرور مرندو.


جيڪڏهن آءٌ بدڪارن لاءِ چوان تہ اهي پنهنجي گناهن جي ڪري ضرور مرندا، تڏهن ضروري آهي تہ تون انهن کي خبردار ڪر تہ جيئن هو گناهن واري راهہ کان هٽي وڃن. پر جيڪڏهن تون انهن کي خبردار نہ ڪندين تہ پوءِ انهن جي موت جي ذميواري تنهنجي مٿان هوندي.


اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.


اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.


تنهن کان پوءِ اهي نفساني خواهشون وڌي گناهہ کي جنم ڏين ٿيون ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن موت پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ