26 تڏهن اهي مٺڙي ننڊ ڪندا ۽ تازا توانا ٿي اٿندا.“
26 اتي آءٌ جاڳي پيس ۽ نگاهہ ڪيم؛ ۽ منهنجي ننڊ مون کي مٺي لڳي.
پوءِ يعقوب جي اک کُلي ويئي ۽ دل ۾ چيائين تہ ”سچ پچ، خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.“
سو اوهين جيڪي سخت پورهيو ڪري رزق حاصل ڪرڻ لاءِ، صبح جو سوير اُٿو ٿا ۽ رات جو دير سان ٿا سُمهو، اهو اوهان لاءِ بيفائدي آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي پيارن کي ننڊ ۾ بہ عطا ڪري ٿو.
اي خداوند! آءٌ بيقصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.
اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا.