25 آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.
25 ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي.
بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري.
تون منهنجيءَ جان کي تازو ۽ توانو ٿو ڪرين. پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون مون کي سڌين واٽن تي وٺي ٿو هلين.
انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.
بلڪ هو تہ خود ٿڪجي پيلن کي قوت عطا ڪري ٿو، ۽ ڪمزورن کي طاقت بخشي ٿو.
جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.
خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.
آءٌ ڪاهنن کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيندس، ۽ منهنجي قوم منهنجي نعمتن سان مالا مال ٿي ويندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.
اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.
پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“
پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.