Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:23 - Muslim Sindhi Bible

23 قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:23
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال خداوند تو کي صيئون جبل کان برڪت ڏئي، ايتري تائين جو تون پنهنجي سڄي عمر ان تي اڏيل شهر يروشلم جي خوشحالي پيو ڏسين.


سو ڪو واٽهڙو بہ انهيءَ لڻندڙ کي نہ چوندو تہ ”خداوند جي تو تي برڪت هجي،“ يا وري هيئن تہ ”آءٌ تو کي خداوند جي نالي سان دعا ڏيان ٿو.“


شال خداوند صيئون جبل تان اوهان کي برڪت عطا ڪري، هائو، اهو ئي خداوند جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


آہ! جيڪو شهر ڪڏهن باوفا هو، سو هاڻي ڪيئن نہ هڪ زناڪار عورت جهڙو ٿي پيو آهي! اڳ اهو انصاف سان ڀريل هو، ۽ منجھس سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ۾ رڳو قاتل ۽ خوني ٿا رهن.


آءٌ اوهان جي مٿان اهڙا ئي حاڪم توڙي مشير مقرر ڪندس، جهڙا مون شروع ۾ مقرر ڪيا هئا. تڏهن يروشلم کي سچار ۽ وفادار شهر ڪري سڏيو ويندو.“


هائو، خداوند جي پاڪ جبل صيئون تي نہ ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسندو ۽ نہ وري ڪو ماريو ويندو، ۽ جيئن پاڻي سمنڊ کي ڀري ڇڏي ٿو، تيئن پوري ڌرتي خداوند کي سڃاڻڻ وارن سان ڀريل هوندي.


تڏهن ملڪ اندر بيابان ۾ توڙي آباد سرزمين ۾ هر هنڌ سچائي ۽ انصاف قائم ٿي ويندو.


خداوند جيڪو عرش تي تخت‌نشين آهي، سو ڪيڏو نہ عظيم آهي! هو ئي يروشلم کي انصاف ۽ سچائيءَ سان ڀري ڇڏيندو،


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو.


پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آس‌پاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هو جن جن کي بہ هٿ پئي آيا آهن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي. سندن اهي دشمن چون ٿا تہ ’اسين قصوروار ناهيون. هو انهيءَ ڪري تباهہ ٿيا آهن، جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، جيڪو سندن امن وَ خوشحاليءَ جي جاءِ ۽ سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


ڪجھہ وقت کان پوءِ بوعز پاڻ بہ بيت‌لحم شهر کان اچي پهتو ۽ لاباري ڪرڻ وارن کي سلام ڪندي چيائين تہ ”خداوند شل اوهان جو ساڻي هجي.“ هنن کيس وراڻيو تہ ”خداوند شل تو کي برڪت عطا ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ