Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:20
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اوچتو يوسف تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪمري ۾ گھڙي ويو، ڇو تہ ڀاءُ کي ڏسي دل ڀرجي آيس ۽ ڳوڙها وهڻ تي هئس. ڪمري ۾ وڃي هو رنو.


تڏهن جيئري ٻار جي حقيقي ماءُ جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي ۽ چيائين تہ ”منهنجا آقا، انهيءَ کي قتل نہ ڪريو پر ڀلي هن کي ئي ڏيئي ڇڏيو.“ مگر ٻيءَ چيو تہ ”اهو نہ تو کي ملي نہ مون کي. ڀلي تہ کيس وڍي ٻہ ٽڪر ڪيو وڃي.“


جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.


تڏهن ڏٺم تہ منهنجي محبوب دروازي جي سوراخ مان پنهنجو هٿ اندر ٽپايو. ۽ منهنجي دل هن لاءِ ڇڪجي ويئي.


تنهنڪري قيرحارست شهر بلڪ سڄي موآب جي لاءِ غم وچان آءٌ ائين آهون ۽ دانهون ٿو ڪريان، ڄڻڪ منهنجي اندر ۾ سُرندو پيو وڄي.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان، ۽ تو کي سٺو ملڪ، يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان. مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ، ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


تهڙيءَ طرح يعقوب جي نسل ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي آءٌ ڪڏهن بہ رد نہ ڪندس. دائود جي نسل مان ڪو نہ ڪو ضرور هوندو جيڪو ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي حڪمراني ڪري. بيشڪ آءٌ هنن تي ٻاجھہ ڪري سندن خوشحالي بحال ڪندس.“


منهنجي دل قيرحراست بلڪ سڄي موآب جي ماڻهن لاءِ سرندي جي ماتمي سر وانگر ٿي روئي، ڇاڪاڻ تہ سندن هر طرح جو گڏ ڪيل مال متاع چٽ ٿي ويندو.


خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جيڪا سرڪشي ڪئي آهي، سا آءٌ کين معاف ڪري ڇڏيندس. آءٌ کُليءَ دل سان ساڻن پيار ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هاڻي هنن مٿان منهنجو غصو ٽري ويو آهي.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.


ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.


پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


ڏسو، خدا منهنجو شاهد آهي تہ عيسيٰ مسيح جي الفت جهڙي اوهان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.


پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ