Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:18 - Muslim Sindhi Bible

18 يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 يقين مون افرائيم کي ماتم ڪندو ٻڌو آهي جو چوي ٿو تہ تو مون کي سيکت ڏني آهي، ۽ مون انهي گابي وانگي سيکت پاتي جو پاڃاريءَ جو هريل نہ هو: تون مون کي ڦيراءِ تہ آءٌ ڦران: ڇالاءِ جو تون خداوند منهنجو خدا آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:18
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.


بيشڪ خداوند مون کي گھڻي کان گھڻي سيکت ڏني، پر تڏهن بہ مون کي موت جي حوالي ڪين ڪيائين.


مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


منهنجي حياتي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي، سو مون کي جيڪي دشمن ستائين ٿا، تن جي هٿان تون ڇڏائي وٺجانءِ.


تون گھوڙي ۽ خچر وانگر بي‌سمجھہ نہ ٿيءُ، جن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجھبي آهي، تان‌تہ اهي تابعداريءَ ۾ رهن.“


اي خداوند قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.


اي خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.


اي قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.


اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


جهڙيءَ طرح گھوڙي لاءِ لغام ۽ گڏهہ لاءِ چهبڪ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح بي‌وقوف جي پٺيءَ لاءِ لڪڻ.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو.


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


سو تنهنجا رهاڪو هر گھٽيءَ جي منهن ۾، ائين بي‌هوش پيا آهن، جيئن ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل پيئي هجي. اهو خداوند تنهنجي خدا جي عتاب جي ڪري آهي.


هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.


تون اسان جو پيءُ آهين. توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن، سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا، پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين، اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.


اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.


اي خداوند! تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس. تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس، بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“


هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ ’اچو تہ صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري وري اسان کي پنهنجو ڪر. تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر.


پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


اسرائيل وارا هڪ سيکاريل وهڙي مثل هئا، جيڪو وهڙو اَن ڳاهڻ لاءِ بلڪل تيار هو، سو مون ان جي مضبوط ڳچيءَ ۾ هڪڙي پاڃاري وڌي، تہ جيئن اسرائيل وارا هر هلائين، ۽ يهوداہ وارا ساهر گھمائي ڀتر ڀڃن.


جيئن تہ اسرائيل وارن سرڪش ڏاند وانگر سرڪشي ڪئي آهي، سو آءٌ خداوند ڪيئن انهن کي رڍن وانگر کُليل چراگاهہ ۾ چاريان؟


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.


انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.


تڏهن جيڪي خداوند کان ڊپ رکڻ وارا هئا تن پاڻ ۾ گفتگو ڪيو، جيڪو خداوند ٻڌي ورتو. پوءِ خداوند جي حضور ۾ انهن جي يادگيريءَ لاءِ ڪتاب لکيو ويو جنهن ۾ انهن خداوند جو خوف رکندڙن ۽ کيس تعظيم ڏيندڙن جا نالا هئا.


هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“


اولهہ طرف افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي.


هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“


سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ