Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:14 - Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ ڪاهنن کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيندس، ۽ منهنجي قوم منهنجي نعمتن سان مالا مال ٿي ويندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ ڪاهنن جي جان کي چڪنائيءَ سان ڀريندس ۽ منهنجي قوم منهنجي چڱائي مان راضي رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:14
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اي خداوند خدا! تون پنهنجي قدرت واري نشان يعني عهد واري صندوق سميت، پنهنجي آرام‌گاهہ ۾ هلي اچ. اي خداوند خدا! شل تنهنجا ڪاهن سچائيءَ جي برڪت سان ڀرپور رهن. شل تنهنجا نيڪ بندا تنهنجي ڀلائيءَ جي ڪري خوشيون ملهائين.


بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“


بيشڪ جيڪي اُڃايل آهن تن کي هو ڍءُ ٿو ڪرائي، ۽ جيڪي بکايل آهن تن جو چڱين شين سان پيٽ ٿو ڀري.


انهيءَ برڪت سان ان شهر جا ڪاهن بہ ڍاول رهندا، ۽ ان شهر ۾ رهندڙ چونڊيل قوم وارا خوشيءَ وچان نعرا هڻندا.


شال ڪاهن سچائيءَ سان پنهنجا فرض ادا ڪن، ۽ تنهنجي چونڊيل قوم خوشيءَ وچان نعرا هڻي!


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


اهي تنهنجي در جي نعمتن مان کائي ڍءُ ڪن ٿا، تون انهن کي پنهنجي خوشين جي نديءَ مان پيئارين ٿو.


ڪاش! آءٌ مقدس خيمي ۾ اچي تو لاءِ واجھايان، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قدرت ۽ تنهنجو جلوو ڏسان.


آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن کي تون چونڊي ويجھو ٿو آڻين، تان‌تہ اهي اچي تنهنجي بارگاهہ ۾ رهن. شال اسين تنهنجي گھر جي چڱين شين مان آسودا ٿيون، يعني مقدس هيڪل جون برڪتون ماڻيون.


اي خداوند! ڌرتيءَ تي تون پنهنجي لاءِ سچائيءَ واري راهہ تيار ڪندين، هائو، اهڙي راهہ جيڪا تنهنجي لائق هوندي.


اسان کي هر صبح پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڀرپور ڪر، تان‌تہ اسين پنهنجي سڄي حياتي خوش ۽ سرها گذاريون.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي.


جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا. ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“ چئي مخاطب ٿيندا. اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا، ۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


پر آءٌ بني اسرائيل کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻيندس. پوءِ هو ڪرمل جبل ۽ بسن جي سرسبز علائقن جا فصل پيا کائيندا، بلڪ افرائيم ۽ جِلعاد جي علائقن ۾ هو خوشحالي پيا ماڻيندا.


هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.


جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.


نفتالي قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”بني نفتالي تنهنجي مهربانيءَ سان ڍاول آهن، هائو، اهي تو خداوند جي برڪت سان ڀريل آهن. شال سندن ميراث وارو علائقو وڌي گليل ڍنڍ جي ڏاکڻي ڇيڙي تائين پهچي.“


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ