Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 31:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 31:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي اهي نعمتون حاصل آهن. هائو، سڀاڳي آهي اها قوم جنهن جو معبود خداوند آهي.


”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا. تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ ’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


خداوند جو خوفناڪ غضب تيستائين نہ هٽندو، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ سمجھي ويندا.


ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجو اهو واعدو پورو ڪندس، جيڪو مون اسرائيل توڙي يهوداہ جي رهاڪن سان ڪيو آهي.


آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن کي وري خوشحال بڻائيندس ۽ انهن کي اڳي وانگر نئين سر آباد ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ئي ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ وارا ٻئي گڏجي روئيندي ۽ زاريون ڪندي مون خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا.


پوءِ اوهين منهنجي قاعدن تي هلندا ۽ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا. تڏهن اوهين حقيقت ۾ منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.


اهو ئي اوهان جو حاڪم هوندو ۽ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا هوندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ اوهين وري انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي عطا ڪيو هو. اوهين منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ اوهان جو خدا هوندس.


انهيءَ کان پوءِ اڳتي لاءِ بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.


پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس.


تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.


آءٌ اوهان جي وچ ۾ گھمندس ڦرندس. آءٌ ئي اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ