يرمياہ 30:7 - Muslim Sindhi Bible7 آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.