يرمياہ 30:18 - Muslim Sindhi Bible18 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي نسل تي رحم ڪندس، ۽ سندن گھرن ۾ وري خوشحالي آڻيندس، يروشلم شهر پنهنجي دڙي تي وري اڏيو ويندو، ۽ انهيءَ جو قلعو پنهنجي اصلي هنڌ تي وري قائم ٿيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ يعقوب جي تنبن کي قيد مان موٽائي آڻيندس، ۽ ان جي رهڻ جي جاين تي رحم ڪندس؛ ۽ اهو شهر پنهنجي ڦٽل ڍڳ تي اڏيو ويندو، ۽ محلات دستور موجب قائم رهندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آسپاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
خداوند ٿو فرمائي تہ ”پر اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين ڪو خوف نہ ڪريو. يقيناً آءٌ پنهنجي قوم کي ڏورانهن ملڪن مان بچائي وٺندس، يعني اوهان جي اولاد کي سندن جلاوطنيءَ وارن ملڪن مان بچائي آڻيندس. اهي موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندا. اهي امن وَ سلامتي ماڻيندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.