يرمياہ 3:12 - Muslim Sindhi Bible12 سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بيوفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 وڃ ۽ اهي ڳالهيون اُتر ڏانهن پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ اي بي وفا اسرائيل موٽي اچ، آءٌ ڪاوڙ ۾ اوهان تي نظر نہ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ رحم وارو آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙ نہ ڌاريندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟