Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جن شهرن ۾ مون اوهان کي جلاوطن بڻائي موڪليو آهي، تن جي خير وَ سلامتي طلبيندا رهو ۽ انهن لاءِ مون خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي خير وَ سلامتيءَ ۾ اوهان جي خير وَ سلامتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جنهن شهر ۾ مون اوهان کي قيد ڪري موڪليو آهي، انهي جي خير سلامتي ڳوليو ۽ انهي لاءِ خداوند کان دعا گهرو: ڇالاءِ جو انهي جي خير سلامتي ۾ اوهان کي خير سلامتي حاصل ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ هو عرش عظيم جي خدا جي لاءِ وڻندڙ شين جون قربانيون پيش ڪري سگھن ۽ منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وڏي حياتيءَ لاءِ دعا گھرن.


جيڪي بہ عرش عظيم جي خدا حڪم ڪيو آهي سو سندس گھر لاءِ ڌيان سان ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي شهنشاهت ۽ منهنجي پٽن تي خدا جو ڪو غضب نازل نہ ٿئي.


يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن.


تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بي‌همت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“


پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان.


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“


هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا خدا جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.


تنهنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنهنجي ضمير جي خاطر پڻ اوهان کي حڪومت جو تابعدار رهڻ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ