Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين شاديون ڪريو ۽ پٽ ۽ ڌيئر ڄڻيو. اڳتي هلي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جون شاديون ڪرايو تہ جيئن انهن کي بہ پٽ ۽ ڌيئر ڄمن. اهڙيءَ طرح اوهين تعداد ۾ وڌندا وڃو ۽ گھٽجو نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 زالون پرڻجو، ۽ پٽ ۽ ڌيئون ڄڻيو، ۽ پنهنجن پٽن کي زالون پرڻايو، ۽ پنهنجين ڌيئن جون شاديون ڪرايو، تہ اُهي پٽ ۽ ڌيئون ڄڻين؛ ۽ اُتي اوهين وڌي گهڻا ٿيو ۽ نہ گهٽجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.


اِجھا، ربقہ تنهنجي سامهون آهي ڀلي وٺي وڃيس تہ جيئن اها خداوند جي چوڻ مطابق تنهنجي مالڪ جي پٽ جي زال ٿئي.“


انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“


لابن وراڻيو تہ ”اها ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي جو ڏيان تنهن کان بهتر آهي تہ تو کي ڏيان. سو تون هتي مون وٽ رهي پئُہ.“


پوءِ سڪم پنهنجي پيءُ حمور کي چيو تہ ”انهيءَ ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ڪراءِ.“


گھڻا ٻار پيدا ڪريو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.“


سو جتان بہ اوهان کي بُهہ ملي اتان پاڻ وڃي کڻي اچو. پر اوهان جو مقرر پورهيو بلڪل گھٽ نہ ڪيو ويندو.“


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


هن کي ٽيهہ پٽ ۽ ٽيهہ ڌيئر هيون. هن پنهنجيون سڀ ڌيئر ڌارين ۾ پرڻايون ۽ پنهنجي پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان ورتائين. ابصان ست سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.


جڏهن هو موٽي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ آيو تڏهن کين چيائين تہ ”مون تمنت ۾ هڪ فلستي ڇوڪري ڏٺي آهي، سو اوهين اها مون کي پرڻايو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ