يرمياہ 29:32 - Muslim Sindhi Bible32 تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.