Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ”سڀني جلاوطن ماڻهن ڏانهن سمعياہ نخلاميءَ بابت مون خداوند جو هي پيغام ڏياري موڪل تہ ’جيئن تہ سمعياہ اوهان اڳيان نبيءَ جي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، توڙي جو مون کيس نہ موڪليو آهي ۽ اوهان کي ڪوڙ تي يقين ڪرايو اٿس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي ڪوڙ ڳالهائيندي کيس چيو تہ ”جهڙو خدا جو ٻانهو تون آهين تهڙو آءٌ بہ آهيان. خداوند جي حڪم سان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو آهي تہ ’هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گھر وٺي اچ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون انهن نبي سڏائيندڙن کي نہ موڪليو آهي، بلڪ مون تہ ساڻن ڳالهايو ئي ناهي، تہ بہ هو پنهنجن ذاتي پيغامن کي منهنجي نالي سان ڊوڙيو پيا پهچائين.


تنهنڪري هاڻي اي جلاوطنؤ! اوهين جن کي مون يروشلم کان بابل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، سي سڀ مون خداوند جو فرمان ڌيان سان ٻڌو.


تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ


هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪن ٿا، جڏهن تہ مون انهن کي ڪين موڪليو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ نبي سڏائيندڙ ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي تعليم ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ بدعتون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ