Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:27 - Muslim Sindhi Bible

27 سو ڇو تو يرمياہ عنتوتيءَ کي اهڙي سزا نہ ڏني آهي جيڪو اوهان منجھہ پاڻ کي نبي بڻايو ٿو وتي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تنهن ڪري هاڻي تو ڇو يرمياہ عنتوتيءَ کي عتاب نہ ڏنو آهي، جو هو اوهان وٽ پاڻ کي نبي ٿو بنائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:27
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو.


”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين.


جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ايمان جي لحاظ کان رد ٿيل آهن.


عنتوت ۽ علمون ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آس‌پاس جا چراگاهہ. اهي ڪل چار شهر کين ڏنا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ