Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:10 - Muslim Sindhi Bible

10 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’بابل جي بادشاهت جا ستر سال پورا ٿيڻ بعد آءٌ اوهان جي خبر چار لهندس ۽ اوهان کي پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻڻ وارو اوهان سان ڪيل پنهنجو سهڻو سخن پورو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:10
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


اسان تنهنجي ٻانهن کي تنهنجي شهر جي پٿرن سان بہ ايترو تہ پيار آهي، جو انهن کي کنڊر واري مٽيءَ ۾ پيل ڏسي اسين ڏک سان ڀرجي ٿا وڃون.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.


اهو سامان بابل ڏانهن کڄي ويندو ۽ ان ڏينهن تائين اتي رهندو جيستائين آءٌ پاڻ اهو موٽائي آڻڻ جو فيصلو نہ ڪريان. تڏهن آءٌ اهو اتان موٽائي آڻي يروشلم ۾ سندس جاءِ تي رکائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


هن اسان ڏانهن بابل ۾ هي پيغام موڪليو آهي تہ ’هن جلاوطنيءَ جي مدت ڊگھي آهي. تنهنڪري اتي ئي گھر ٺاهي رهي پئو، باغ پوکيو ۽ انهن جو ميوو کائو.‘“


تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم يعني اسرائيل وارن ۽ يهوداہ وارن جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. هو انهيءَ ملڪيت جا وارث ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجو اهو واعدو پورو ڪندس، جيڪو مون اسرائيل توڙي يهوداہ جي رهاڪن سان ڪيو آهي.


اوهين جن جن ملڪن ۾ پکيڙيا ويا آهيو، آءٌ اوهان کي اتان ڪڍي پنهنجي ملڪ ۾ آڻيندس جيڪو وري اوهان جو ورثو ٿيندو.


سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“


بلڪ اهو علائقو يهوداہ جي باقي بچي ويلن جي ملڪيت ٿيندو. اتي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا، ۽ اسقلون شهر جي ويران گھرن ۾ اچي رهندا. بيشڪ خداوند سندن خدا انهن جي سار سنڀال لهندو، ۽ هنن کي ٻيهر خوشحال ڪندو.


تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادر‌مطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ جڏهن نعوميہ موآب ملڪ ۾ ٻڌو تہ خداوند سندس قوم کي سٺو فصل ڏيئي کين برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي ٻنهي ننهن سميت موٽي اوڏانهن رواني ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ