Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ”وڃ، تون حننياہ کي وڃي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تو ڪاٺيءَ جي پاڃاري ڀڳي آهي، پر هاڻ ان جي عيوض آءٌ لوهہ جي پاڃاري جوڙيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 وڃي حننياہ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو ڪاني جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن؛ پر انهن جي بدران تون لوهہ جا گز جوڙيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، تنهن کي آءٌ اڃا بہ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“


بيشڪ هو پتل جا مضبوط دروازا بہ ٽوڙي ڇڏي ٿو، ۽ لوهہ جي سيخن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو.


ڀل تہ هو انهن جي بادشاهن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏين، ۽ سندن اميرن کي لوهي هٿڪڙيون هڻي ڇڏين،


خداوند خورس کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پاڻ تنهنجي اڳيان هلندس، تہ جيئن جبلن ۽ ٽڪرين کي تنهنجي لاءِ هموار ڪريان. آءٌ پتل جا دروازا ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندس، ۽ انهن جا لوهہ جا گز ٽوڙي ڇڏيندس.


خداوند پاڻ فرمائي ٿو تہ ’مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي. هو منهنجي نالي تي ڪوڙيون اڳڪٿيون ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين انهن تي يقين ڪندا تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهين انهن نبي سڏائيندڙن سان گڏ ناس ٿي ويندا، جيڪي اوهان کي اڳڪٿيون ڪري ٻڌائين ٿا.‘“


خداوند مون کي حڪم فرمايو تہ ”اي يرمياہ! پنهنجي لاءِ ڪاٺيءَ جي هڪڙي پاڃاري ٺاهہ، جيڪا پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي ڇڏ.


هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


جڏهن آءٌ تحفنحيس شهر ۾ مصر جي حڪمرانيءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس، تڏهن انهيءَ جو طاقت وارو فخر مٽجي ويندو، ۽ ان جا رهاڪو قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويندا. ان وقت تحفنحيس شهر تي ڏينهن اونداهو ٿي ويندو، بلڪ سڄي ملڪ تي اونداها ڪڪر ڇانئجي ويندا.


تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ