Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:36 - Muslim Sindhi Bible

36-37 هاڻ چراگاهن جي تباهہ ٿيڻ تي ڌنارن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، هائو، ملڪ جي تباهہ ٿيڻ تي قوم جي اڳواڻن جو روئڻ رڙڻ ٿو ٻڌجي. انهيءَ سبب جو سندن ملڪ جيڪو سلامتيءَ واري چراگاهہ مثل هو، سو خداوند جي خوفناڪ غضب سبب ويران ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:36
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


هاڻ اي ڌنارؤ! اوهان کي ڀڄڻ جو ڪو رستو ئي نہ ملندو، هائو، اي قوم جا اڳواڻؤ! اوهان کي بچڻ لاءِ ڪابہ پناهہ‌گاهہ نہ ملندي.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


ظالم حڪمرانن جي روڄ راڙي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ سندن شان وَ شوڪت تباهہ ٿي ويو آهي. هائو، انهن شينهن جي ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ اردن جي جن ٻيلن تي هو فخر ڪندا هئا، سي ناس ٿي ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ