Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:33 - Muslim Sindhi Bible

33 انهيءَ ڏينهن ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين خداوند جا ڪٺل پکڙيا پيا هوندا. انهن تي ماتم ڪرڻ وارو يا کين گڏ ڪري دفنائڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:33
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


هنن يروشلم ۾ انهن جو رت پاڻيءَ جيان وهايو آهي، ايتري قدر جو ڪوبہ نہ بچيو آهي جنهن جي هٿان هو دفن ٿين.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


تنهنڪري خداوند کي اوهان تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي، سو هن پنهنجو هٿ اوهان تي کنيو آهي. هو اوهان ۾ ايترو تہ ڪوس وجھندو، جو اوهان جا لاش گھٽين ۾ غلاظتن وانگر پيا هوندا. اها سزا ايڏي تہ سخت هوندي جو جبل بہ ڏڪي ويندا، انهيءَ جي باوجود سندس قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


تلوار انهيءَ لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ جيئن قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي. هائو، اها تکي ڪئي ويئي آهي ۽ چمڪائي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ تہ قاتل ڪوس وجھڻ لاءِ تيار رهي.


آءٌ تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍيون اٽڪائيندس، ۽ تنهنجي ڇلڙن تي تنهنجيءَ نديءَ جون مڇيون چنبڙائيندس. جڏهن آءٌ تنهنجي دريائن مان گهلي تو کي ٻاهر ڪڍندس، تڏهن اهي سڀ مڇيون تنهنجي ڇلڙن تي چنبڙيل هونديون.


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي دريائن جي سڀني مڇين کي ماري بيابان ۾ اڇلائي ڇڏيندس. تون کُليل ميدان ۾ پيو هوندين ۽ تو کي دفن نہ ڪيو ويندو. آءٌ تو کي جھنگلي حيوانن ۽ پکين جو کاڄ بڻائيندس.


اي سوڊان جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.


انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ