Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:32 - Muslim Sindhi Bible

32 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، مصيبت هڪڙيءَ قوم کان ٻي قوم تائين پکڙبي ٿي وڃي. هائو، اها ڌرتيءَ جي ڏورانهن ڇيڙن کان هڪڙي وڏي طوفان وانگر پکڙبي ٿي اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهن جي ڪمن ۽ خيالن کي ڄاڻان ٿو. سو اهو وقت اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ انهن سڀني قومن ۽ مختلف ٻولين وارن کي آڻي گڏ ڪندس. اهي ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسي


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي يروشلم! اهي جنگي جوڌا تو سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.“


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“


عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙهندي، بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي،


”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ