Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين هڪ هڪل واڪا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قومن کي ڏوهي قرار ڏيندو. هو پوري انسانذات جي عدالت ڪندو ۽ شريرن کي تلوار جي حوالي ڪندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.


ٻڌو، سڀني قومن تي خداوند سخت ناراض آهي، سندن سمورن لشڪرن تي سندس غضب نازل ٿيڻو آهي. هو قتل ڪرڻ لاءِ کين دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهي، هائو، هن انهن کي بلڪل تباهہ ٿيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند اهو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هو صيئون وارن سان انصاف ڪرڻ ايندو، ۽ سندن دشمنن کان بدلو وٺندو.


هو پنهنجي باهہ ۽ تلوار سان دنيا جي هر ڏوهاري ماڻهوءَ کي سزا ڏيندو. هائو، گھڻن ئي کي قتل ڪيو ويندو.


انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ ’آءٌ بي‌گناهہ آهيان، يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘ پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


تہ پوءِ اي باروڪ! ڇو تون پنهنجي لاءِ عمديون شيون ڳوليندو ٿو وتين؟ ياد رک، انهن پٺيان نہ پَئُہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اعلان ٿو ڪريان تہ هر بني بشر تي آفت آڻيندس. پر تون جتي بہ ويندين اتي تو کي جيئدان ملندو.‘“


هائو، مون خداوند جو اهو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. اهو هڪڙو اونداهو ۽ سڀني قومن لاءِ مصيبتن جو وقت هوندو.


پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس.


بيشڪ يهوداہ وارا پڻ مون خداوند جا ڏوهاري آهن. سو آءٌ يعقوب جي سڄي اولاد کي سندن چال چلت موجب سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين سندن عملن مطابق بدلو ڏيندس.


اي اسرائيل وارؤ! خداوند کي اوهان جي خلاف شڪايت آهي، سو ٻڌو، خداوند اوهان جي باري ۾ هيئن ٿو فرمائي تہ ”هن ملڪ ۾ نڪي سچائي آهي، ۽ نہ وري ڪو ڪنهن جي ڀلائي چاهي ٿو، نڪي وري هتي مون خدا جي ڪا سڃاڻ ئي آهي.


تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.


اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ