Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:30 - Muslim Sindhi Bible

30 پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشن‌گوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:30
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ ”خدا جي عهد واري صندوق شهر ڏانهن موٽائي کڻي وڃ. جيڪڏهن خداوند جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هوندي تہ هو مون کي موٽائي وري آڻيندو ۽ اها صندوق ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ٻيئي مون کي ڏيکاريندو.


خداوند کيس چيو تہ ”جيڪا دعا ۽ منٿ تو منهنجي حضور ۾ ڪئي آهي سا مون ٻڌي آهي. هيءَ هيڪل جيڪا تو هميشہ جي لاءِ منهنجي نالي تي جوڙائي آهي تنهن کي مون پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين ان تي لڳا رهندا.


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”هيءَ ئي هميشہ لاءِ منهنجي آرام‌گاهہ آهي. آءٌ هتي رهي حڪمراني ڪندس، ڇوجو انهيءَ کي پسند ڪيو اٿم.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


تان‌تہ هو جوڳين جو آواز نہ ٻڌي، ۽ نہ ئي وري مانڊيءَ کي ٻُڌي توڙي اهو منڊ جا کيڏ ڪري.


پر نيٺ ڌڻي ڄڻ ننڊ مان جاڳي اٿيو، انهيءَ مئي ۾ مخمور جنگي جوڌي وانگر، جيڪو هڪدم وڙهڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي.


آہ! هاڻي آءٌ سبماہ جي انگورن جي باغن لاءِ ائين ٿو روئان، جيئن يعزير لاءِ روئندو ٿو رهان. اي حشبون ۽ العالي شهرؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ لڙڪ وهائيندو ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ميون ۽ اناج جي فصلن تي جنگ جي تباهي اچي پيئي آهي.


جڏهن تون گجڪار ٿو ڪرين، ۽ پنهنجو جلال ٿو ڏيکارين، تڏهن غير قومن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


اي خداوند! تنهنجو پاڪ گھر شروع کان وٺي جبل تي قائم آهي. هائو، تنهنجي مقدس هيڪل هڪڙو عاليشان تخت آهي.


جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي، تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي. سو حملو ڪندڙن جي ظلم، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان، هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.


موآب جي زرخيز سرزمين مان خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون. آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس. ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“


هن جي وات مان هڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن هو قومن کي ماري. هائو، هو پاڻ لوهہ جي لٺ سان مٿن حڪمراني ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ انگورن وانگر کين لتاڙيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ