Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي ٿو سڏجي، تنهن ۾ ئي آءٌ مصيبت آڻڻ وارو آهيان تہ پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو سزا کائڻ کان ڇٽي سگھو! اوهين سزا کائڻ کان هرگز بچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ روءِ‌زمين تي رهندڙن مٿان جنگ آڻڻ وارو آهيان. مون قادرِمطلق خداوند جو اهو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:29
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.


يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.


هاڻ جڏهن تہ سچار کي بہ هن دنيا ۾ ئي بدلو ڏنو ٿو وڃي، تہ پوءِ بدڪار ۽ گنهگار هن دنيا ۾ جوڳي سزا کان ڪيئن ٿا بچي سگھن؟


جيڪي غريبن تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، سي ڄڻ تہ سندن خالق جي بي‌حرمتي ٿا ڪن، ۽ ٻئي جي مصيبت تي خوش ٿيڻ وارا سزا کان بچي نہ ٿا سگھن.


پر پروردگار فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ صيئون جبل تي، يروشلم شهر ۾ پنهنجا سمورا ڪم پورا ڪري ڇڏيندس، تڏهن آءٌ اشور جي شهنشاهہ کي سندس سڄي مغروريءَ ۽ ٻٽاڪن جي سزا ضرور ڏيندس.“


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بي‌ڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


آءٌ خداوند خدا بني اسرائيل جي سڀني جبلن تان ياجوج مٿان جنگ نازل ڪندس. ياجوج جي فوج ايڏي تہ دهلجي ويندي جو اهي هڪٻئي مٿان تلوار هلائيندا.


پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.


منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي. پر جلد ئي سندن آس‌پاس واريون قومون انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون. هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون، ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي سائي وڻ سان هيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ