Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:28 - Muslim Sindhi Bible

28 خداوند مون کي هي بہ فرمايو هو تہ ”جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيالو وٺي پيئڻ کان انڪار ڪن تہ پوءِ کين مون قادرِمطلق خداوند جو هي حڪم ٻڌائي ڇڏج تہ ’اوهان کي اهو ضرور پيئڻو پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيئڻ لاءِ پيالي وٺڻ کان انڪار ڪندا تہ پوءِ تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ضرور پيئندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪ تہ تون خدا جي فيصلن تي راضي ناهين، ٻيو وري چاهين ٿو تہ خدا تنهنجي مرضيءَ تي هلي، سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ هاڻي فيصلو تو کي ڪرڻو آهي، نہ مون کي، تنهنڪري جيڪا ڳالهہ تون صحيح ٿو سمجھين سا ٻڌاءِ.


سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.


پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بي‌ڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي.


جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


منهنجيءَ قوم منهنجي پاڪ جبل صيئون تي منهنجي غضب جو پيالو پيتو آهي. پر جلد ئي سندن آس‌پاس واريون قومون انهيءَ کان بہ وڌيڪ منهنجي غضب جو پيالو پيئنديون. هائو، اهي اهو پيالو پيون پيئنديون ۽ ڳڙڪائينديون، ايتري تائين جو دنيا ۾ سندن وجود ئي باقي نہ رهي.“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ