Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اهي پاڻ گھڻين ئي قومن ۽ وڏن بادشاهن طرفان غلام بڻايا ويندا. آءٌ انهن کي سندن عملن ۽ هٿن جي ڪم موجب بدلو ڏيندس.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي.


جبلن تي هڪ وڏي انبوہ جو شور ٻڌو. اهو هڪ وڏي لشڪر جو گوڙ شور آهي، هائو، اهو مختلف ملڪن مان آيل قومن جو هل هنگامو آهي. ڏسو، قادرِمطلق جنگ جي لاءِ اهو لشڪر گڏ ڪري ٿو.


گھڻيون ئي قومون بني اسرائيل کي خداوند جي ڏنل ملڪ ۾ موٽائي آڻڻ ۾ سندن مدد ڪنديون. پوءِ اهي قومون ٻانها ۽ ٻانهيون بڻجي سندن خدمت ڪنديون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل اڳ جن جا قيدي هئا تن کي قيد ڪندا ۽ انهن تي حڪمراني ڪندا جيڪي مٿن ظلم ڪندا هئا.


ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.


سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.


تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.


ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم ۽ ڪيترن ئي بادشاهن کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


ڏسو، آءٌ اتر وارن ملڪن مان وڏين وڏين قومن جو هڪڙو جٿو اڀاري بابل تي چاڙهي آڻيندس. هو ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري وٺندا. هنن جا تيرانداز ايترا تہ ماهر هوندا، جو سندن هڪڙو بہ تير نہ گسندو.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


’ورهاست‘ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي ۽ اها مادئين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.“


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ