Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:30 - Muslim Sindhi Bible

30 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو ڏس، آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي خلاف آهيان، جيڪي هڪٻئي وٽان هٿ ڪيل ڳالهيون منهنجيون ڪري ٻڌائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تان‌تہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجي طرفان ڳالهيون گھڙي پوءِ چون ٿا تہ اهي خداوند جي طرفان آهن.


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون اوهان تي مصيبت آڻڻ ۽ سڄي يهوداہ کي تباهہ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.


آءٌ خداوند اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس. اوهان لاءِ هيءَ هڪ نشاني هوندي تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي ڇيهو رسائڻ واريون منهنجيون آگاهيون ضرور پوريون ٿينديون.


هاڻي ڏسو، آءٌ خداوند خدا اوهان جي انهن تعويذن کان نفرت ٿو ڪريان جن سان اوهين جانين جو شڪار ٿيون ڪريو. آءٌ اهي اوهان جي ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس ۽ انهن جانين کي آزاد ڪري ڇڏيندس جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو.


آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان.


هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.


آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.


پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ