يرمياہ 21:2 - Muslim Sindhi Bible2 ”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تانتہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.
جيئن تہ خدا جي عهد واري صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي ئي هئي ۽ فينحاس جيڪو هارون جو پوٽو ۽ اليعزر جو پٽ هو سو انهيءَ جي سنڀال ڪندو هو، تنهنڪري بني اسرائيل اتي وڃي خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا اسين پنهنجي همقوم بني بنيامين سان هڪ دفعو وري جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃون يا نہ؟“ تڏهن خداوند کين ورندي ڏني تہ ”وڃو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي آءٌ اوهان کي هنن تي فتح ڏيندس.“
تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“