Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 19:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي ”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 19:6
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قديم زماني کان ئي اشور جي شهنشاهہ کي ساڙڻ لاءِ هڪڙي جاءِ تيار ڪري رکي آهي، جنهن ۾ هو وڏو آڙاهہ ٻاري سندس لاش اڇلائيندو. آڙاهہ واري اها جاءِ بيحد اونهي ۽ ويڪري آهي، جنهن ۾ ڪاٺين جا ڍڳ لڳل آهن. خداوند جي ڦوڪ جا غضبناڪ شعلا انهيءَ ۾ باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندا.


۽ انهن کي منهنجو هي فرمان بہ ٻڌاءِ تہ ’آءٌ قادرِمطلق خداوند هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس جيئن هيءَ گھُگھي ڀورا ڀورا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي وري نہ ٿو جوڙي سگھجي. اوهان جي قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو.


پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.


پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ