Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 18:17 - Muslim Sindhi Bible

17 سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 آءٌ هنن کي دشمنن جي اڳيان ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن اُڀرندي جي واءُ سان؛ آءٌ مصيبت جي ڏينهن هنن جي پٺ ڏسندس ۽ نہ هنن جو منهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 18:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جھولو کين اڏائي گم ڪيو ڇڏي، هائو، اهو کين پنهنجيءَ جاءِ تان ٻهاريو ڇڏي.


بيشڪ خدا اوڀر وارو اهڙو خوفناڪ طوفان آهي، جيڪو ترسيس جي عظيم سامونڊي جهازن کي بہ ڀڃيو ڇڏي.


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس، جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.


اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘


هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون.


مصر جا ڀاڙي ڪيل سپاهي بہ پليل گابن وانگر آهن، سي بہ پٺ ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا. اهي ميدان ۾ بيهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ سندن مصيبتن جو ڏينهن مٿن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.


تنهنجي ونجھہ هلائڻ وارن تو کي اونهي پاڻيءَ ۾ آندو آهي. پر اوڀر کان گھلندڙ واءُ تو کي وچ سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.


اهي ڦورو مون لاءِ وقف ٿيل هيڪل ۾ گھڙي اچي انهيءَ کي پليت ڪندا، پر آءٌ ان تي ڪو ڌيان نہ ڏيندس.


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ