Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 16:14 - Muslim Sindhi Bible

14 خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 16:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي منهنجي قوم وارؤ! اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هائو، اي بني اسرائيل! اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي.


اوهان مون کي مصيبت ۾ پڪاريو، ۽ مون خدا اوهان کي ڇڏائي ورتو. مون گجگوڙ واري لڪل پردي مان اوهان کي جواب ڏنو، پوءِ مون مريباہ جي چشمن وٽ اوهان کي آزمايو.


”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس.


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ