Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 15:17 - Muslim Sindhi Bible

17 آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان، نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان. اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري پنهنجي منهن ٿو گذاريان، ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جيڪي چرچا گهٻا ٿا ڪن تن جي مجلس ۾ آءٌ نہ ويٺس ۽ نہ خوشي ڪيم: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪري اڪيلو ويٺس؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڪاوڙ سان ڀري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 15:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي برن جي صلاح تي نہ ٿا هلن. هو گنهگارن جي راهہ تي قدم نہ ٿا رکن، نڪي اهي ڪڏهن ٽوڪبازن جي محفل منجھہ ويهن ٿا.


مون کي اوجاڳن اچي وڪوڙيو آهي ۽ ننڊ اچي ئي ڪين ٿي. آءٌ انهيءَ پکيءَ جيان ٿي پيو آهيان، جيڪو اڪيلو ڪنهن ڇت تي ويٺو هجي.


ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


اي يرمياہ! تون خوشيءَ جي مجلس واري گھر ۾ بہ داخل نہ ٿج جو هنن سان گڏ ويهي کائين پيئين.


پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.


جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن، تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري.


اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.


تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادر‌مطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“


تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ ”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو، ۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو، تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ