Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جھنگلي گڏهہ ويران ٽڪرين تي گدڙن وانگر سهڪن ٿا پيا، گاهہ نہ ملڻ ڪري سندن نظر بہ ڪمزور ٿي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ گورخر اُگهاڙين ٽڪرين تي بيٺا آهن ۽ گدڙن وانگي پيا سهڪن؛ هنن جي اکين ۾ ڌنڌ آهي، ڇالاءِ جو گاهہ ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم جو شاهي محل پڻ اجاڙيو ويندو، ۽ وڏي آباديءَ وارو اهو شهر بلڪل ويران ڪيو ويندو. ٽڪر وارو قلعو ۽ اهي ٺُلهہ جن تي پهرو ڏنو ٿو وڃي، سي هميشہ جي لاءِ کنڊر بڻجي ويندا. اهي جھنگلي گڏهن جي جُوءِ، ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ بڻجي ويندا.


تون بيابان جي هِريل انهيءَ گڏهِہ جيان آهين، جيڪا پنهنجي شهوت جي پورائي لاءِ نوسيندي وتندي آهي، جڏهن وهر کڻيس ٿي تہ پوءِ ڪير ٿو کيس روڪي سگھي؟ ڪوبہ نر ان جي پٺيان لڳي پاڻ کي ڪين ٿڪائيندو، ڇو تہ لڳ جي وقت تي اُها پنهنجو پاڻ کيس هٿ اچي ويندي.


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.


اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.


تڏهن يونتن کين وراڻيو تہ ”بابي ماڻهن کي تڪليف ۾ وڌو آهي. ڏسو تہ ٿوري ماکي چکڻ سان منهنجيون اکيون ڪيئن نہ کُلي پيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ