Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 14:19 - Muslim Sindhi Bible

19 يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 14:19
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


پر جڏهن مون ڀلائيءَ جي اميد رکي تہ مون تي بڇڙائي موڪلي ويئي. هائو، جڏهن آءٌ روشنيءَ جي انتظار ۾ هئس تہ مون تي اونداهي موڪلي ويئي.


سو خدا جڏهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ پوءِ بني اسرائيل کان سخت نفرت ڪندي کين رد ڪري ڇڏيو.


پر اي خداوند! ڏس، هاڻي تون پنهنجي مسح ڪيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهين. تو پنهنجي انهيءَ مخصوص ڪيل بادشاهہ کي رد ڪيو آهي، ۽ کيس ڇڏي ڏنو اٿيئي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون يهوداہ وارن کي ڇڏي ڏنو آهي، هائو، پنهنجي چونڊيل قوم کي وساري ڇڏيو اٿم. مون پنهنجي پياري قوم کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.


منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.


اوهان جو اهڙو ڪوبہ حمايتي ڪونهي، جيڪو اوهان جي ملم پٽي ڪري، اوهان جي دردن جو دارون ڪونهي، هائو، اوهان لاءِ شفا آهي ئي ڪونہ.


مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند، نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.


ماڻهو هنن کي کوٽو سڪو ڪري سڏيندا، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند کين رد ڪري ڇڏيو آهي.“


اي يروشلم وارؤ! سوڳ وچان پنهنجا وار ڪوڙي اڇلايو، ٽڪرين تي آہ وَ زاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي موجودہ پيڙهي خداوند جي ڪاوڙ هيٺ آهي، جنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي.


اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي!


اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟


جڏهن خداوند جي طرفان يروشلم تي آفت اچي نازل ٿيندي، تڏهن ماروت شهر جا رهاڪو مدد لاءِ سخت انتظار ۾ هوندا.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ