Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 11:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر اي لشڪرن جا خداوند، تون جو سچائي سان انصاف ڪرين ٿو، ۽ گردن ۽ دل جي آزمائش وٺين ٿو، سو تون هنن کان وير وٺ تہ آءٌ ڏسان: ڇالاءِ جو مون پنهنجي دعويٰ تنهنجي اڳيان پيش ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 11:20
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


قاصدن اهو خط حزقياہ کي آڻي ڏنو ۽ هُن اهو پڙهيو. پوءِ حزقياہ هيڪل ۾ وڃي اهو خط خداوند جي آڏو کولي رکيو


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


اي منهنجا خدا! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون دلين کي جاچيندو آهين ۽ سچائيءَ مان خوش ٿيندو آهين. هي سڀ شيون مون رضا خوشيءَ سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏنيون آهن. هاڻ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ تنهنجي قوم، جيڪا هتي حاضر آهي تنهن ڪيئن نہ تنهنجي حضور ۾ رضا خوشيءَ سان نذرانا آندا آهن.


”پر اي ايوب! جي آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، تہ آءٌ خدا جي مدد جو طالبو هجان ها، هائو، آءٌ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيان ها.


اي خدا! تون مون کي پرکي منهنجيءَ دل کي ڄاڻي وٺ. هائو، تون مون کي آزمائي منهنجو هر خيال پروڙي وٺ.


تون پنهنجا جنگي هٿيار کڻي، منهنجي مدد لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ.


اي خدا! تون منهنجو انصاف ڪر، نافرمانن جي ڀيٽ ۾ تون منهنجي وڪالت ڪر. هائو، ٺڳن ۽ بي‌انصافن کان تون منهنجو بچاءُ ڪر،


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


سچار جڏهن اهو بدلو ڏسندا تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيندا، ۽ بدڪارن جي رت ۾ پنهنجا پير ٻوڙيندا.


بيشڪ خدا ئي منهنجو محافظ آهي. اهو ئي دل جي سچارن کي بچائي ٿو.


اي خداوند! انسانذات جو انصاف ڪندڙ تون ئي آهين. سو منهنجي سچائيءَ ۽ صداقت موجب منهنجو انصاف ڪر.


تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين.


ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تان‌تہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.


پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو، ۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو، تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي، سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.


هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ.


اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.


سو اي خداوند! اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا، تنهن موجب کين سزا ڏي.


پوءِ خداوند جو روح مون تي نازل ٿيو ۽ خداوند ماڻهن کي سندس هي پيغام ٻڌائڻ جو حڪم فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي ڪجھہ چئو ٿا ۽ جيڪي بہ منصوبا دلين ۾ جوڙيو ٿا سي سڀ آءٌ ڄاڻان ٿو.


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“


سو شل خداوند ئي منصف ٿئي ۽ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. شل هو انهيءَ ڳالهہ کي ڏسي مون کي بي‌ڏوهي قرار ڏئي ۽ اوهان جي هٿان ڇڏائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ